اڏيرولال وليج(ن پ ا) اڏيرولال ۾ شادي جي ڪاڄ ۾ ايندڙ دعوتين کي ڀت به کارايو ويو ۽ لنگين، اجرڪن سان گڏ مٺائين جي تحفن شادي کي منفرد بڻائي ڇڏيو، علائقي ۾ شادي جا چرچا، ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال ۾ مزدوري ڪندڙ راشد ڪنڀار پنهنجن پٽن امجد ڪنڀار ۽ رحمان ڪنڀار جي ڪاڄ ۾ نواڻ آڻيندي ڪاڄ ۾ ايندڙ مهمانن کي بهترين طعام کارائڻ سان گڏ لونگين، اجرڪن جا تحفا ڏنا ۽ گهر ڀاتين لاءِ مٺائين جا تحفا به ڏنا ويا. . گهوٽن جي پيءُ راشد ڪنڀار جو چوڻ آهي ته پٽن جي خوشي خاطر ائين سڀ ڪجهه ڪيو آهي اڄ مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. جڏهن ته ڄاڻايل شادي جا علائقي ۾ ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ چرچا هلندڙ آهن.