اوڏيرولال(ن پ ا) يوسي اڏيرولال وليج جي ڳوٺ بھرين ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف غلام رسول جھيجو، سعود ملاح، رفيق خاصخيلي، جمشيد خاصخيلي، علي مڱڻھار جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي هنن ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته چونڊيل نمائندا ڪوڙا واعدا ڪري ووٽ وٺي ويا آهن، 2 سال گذرڻ باوجود يوسي چيئرمين توڙي ٻين اسان کي ڪنهن به قسم جي سهولت فراھم ناهي ڪئي ، گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، جنهن سبب رهواسي مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن ۽ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. ڳوٺاڻن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل ڪري پريشاني ختم ڪئي وڃي.