اڏيرولال(رپورٽر) ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال اسٽيشن ۾ ڇتن رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، رولو ڇتن ڪتن ڳوٺ ميانداد ساھووال جي 2 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن ۾ ڇتي ڪتي جي ويڪسين اڻلڀ ٿي وئي آهي، جنهن ڪري مريض پريشان ٿي ويا آهن. ٽائون ڪاميٽي اوڏيرولال اسٽيشن ۾ رولو ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهنڪري روزانو ننڍا توڙي وڏا ماڻهو رولو ڇتن ڪتن جو شڪار ٿي رهيا آهن، ٽائون انتظاميا اگھور ننڊ ۾ سمهي پئي آهي. شهرين پاران دانهون ڪرڻ باوجود ڪتا مار مهم شروع نه ٿي سگهي آهي. رولو ڇتن ڪتن جي آزار سبب رهواسي توڙي شاگرد پريشان ٿي ويا آهن ۽ شاگرد اسڪول وڃڻ لاءِ پريشان ٿي ويا آهن. گذريل ڏينهن ڳوٺ ميانداد ساھووال سان تعلق رکندڙ مسمات خاتون ساھووال ۽ سندس معصوم ٻار تي رولو ڪتن حملو ڪري کين ڏاڙهي سخت زخمي ڪري وڌو هو. هتان جي سڄاڻ ڌرين اختيارين کان قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.