اڏيرولال وليج ( رپورٽ: عبدالغفور هنڱورو )  اڏيرولال وليج ۾ کوسا ۽ ڪوريجا برادري ۾ خوني تڪرار جو جرڳو  ٿي گذريو. تڪرار دوران  قتل ٿيل 3  ڄڻن جي قتل جو جرڳو اڳوڻي آءِ جي سنڌ سيد مشتاق احمد شاھ ۽ حاڪم علي نوحاڻي جي سرپينچي ۾ ٿيو. جنهن دوران ٻنهي ڌرين تي 2 ڪروڙ 43 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪئي وئي، جنهن ۾ کوسا برادري جي ھڪ نوجوان  جاويد کوسو جي خون جي قيمت 81 لک مقرر ڪئي وئي،  جڏهن ته ڪوريجا برادري جي ٻن نوجوانن نظير احمد ڪوريجو ممتاز علي ڪوريجو جي قتل جي قيمت 1 ڪڙوڙ 62 لک مقرر ڪئي وئي.  کوسا برادري جي نوجوان جي قتل جي قيمت جا81 لک رپيا ڪٽي باقي 81 لک رپيا کوسا برادري ڪوريجا برادري جي قتل ٿيل نوجوان جي وارثن کي ڏنڊ ڀري ڏيندي، جڏهن ته 10 لک رپيا لاشن جي بي حرمتي ڪرڻ تي کوسا برادري تي الڳ سان ڏنڊ مقرر ڪئي وئي، جيڪا رقم پڻ کوسا برادري ڪوريجا برادري کي ڀري ڏيندي. ان موقعي ٻنهي برادري جي چڱن مڙسن اسرا سولنگي، شمس الدين زرداري، ميو خان ڪوريجو، اسلم ڪوريجو، نياز ڪوريجو شرڪت ڪئي. فيصلا ڪميٽي ۾ مير اشرف ڪوريجو حاجي احمد ڪوريجو حافظ عبدلواحب ڪوريجو شرڪت ڪئي رئيس نياز کوسو فقير رسول بخش کوسو رئيس عبدرحما ن کوسو سردار اسرار سولنگي موجود هئا. جڏهن ته حاڪم علي زرداري پاران ٻنهي ڌرين کي ڀاڪر پارائي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏيو ۽ اڳتي لائي اڳرائي ڪندڙ ڌر کي سخت سزا ڏني ويندي.