اڏيرلال(رپورٽ: عبدالغفور هنڱورو) اڏيري لال ۾ ٻارڙين جون نازيبا وڊيوز ٺاهڻ ۽ زيادتي ڪوشش جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ڏس ۾ شهر جي مڪراني پاڙي جي رهندڙ عبدالرشيد خشڪ جي معصوم  نياڻي چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي 12 سالن جي ڪَونج کي ڪجهه وقت اڳ محمد بخش عرف ننهو عباسي مبينا طور ڪمري ۾ بند ڪري زيادتي جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پوليس جوابدار محمد بخش عرف ننهو عباسي کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدار زيادتي ڪرڻ جو اعتراف پڻ ڪيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته برياني جو دڪان هلائيندڙ محمد بخش عرف ننهو عباسي ٻه مهينا اڳ عبدالرشيد خشڪ جي معصوم نياڻي چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻين 12 سالا ڪونج کي ورغلائي وٺي وڃڻ بعد کيس ڪمري ۾ بند ڪري زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ معصوم نياڻي جي ويڊيو به ريڪارڊ ڪئي. جڏهن ته ٻارڙي کي وجهه ملڻ کان پوءِ واڙيل ڪمري مان نڪري ڀڄي وئي. ڪجهه ڏينهن بعد زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ محمد بخش عرف ننهو عباسي سوشل ميڊيا تي ٻارڙي جي ويڊيو وائرل ڪئي. ويڊيو وائرل ٿيڻ کان پوءِ جوابدار گرفتار ڪيو ويو،  جنهن ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن اهو به اعتراف ڪيو ته نينگري ڪونج سان زيادتي جي ڪوشش واري وڊيو مون پاڻ رڪارڊ ڪئي هئي. هن چيو ته مون اها هڪڙي غلطي ڪئي آهي.جوابدار جي اهڙي عمل کان پوءِ جوابدار خلاف زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش جا مٿس قلم هڻي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف متاثر نياڻي جي پيءُ عبدالرشيد خشڪ ٻڌايو ته مونکي ان معاملي جي ڪابه خبر هئي نه منهنجي معصوم نياڻي ڳالهه ڪئي هئي. اچانڪ اهڙي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ اسان کي خبر پئي ته اسان جي نياڻي سان انتهائي غلط انسانيت جا ليڪا لتاڙي ٻارڙي سان زبردستي زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن بعد اسان ٿاڻي تي اطلاع ڏنو. اسان کي اميد آهي ته انصاف ضرور ملندو. ٻئي پاسي ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هٿ ڪيل موبائيل ۾ معصوم نياڻي جي ويڊيو کان علاوه ٻي اهڙي ڪابه ويڊيو هٿ نه آئي آهي. هن چيو ته وائرل ٿيل ويڊيو ۾ اهو صاف ڏسي سگهجي ٿو ته جوابدار نياڻي سان زيادتي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، باقي نياڻي سان زيادتي نه ٿي آهي.