اڏيرولال وليج(ن پ ا) اڏيرولال ۾ قبرستان تي غيرقانوني قبضو خلاف احتجاج ڪيو ويو،  اوڏيرولال جي 3 سئو سال پراڻو دائرهه شريف جي قبرستان تي بااثر ماڻهن پاران قبضي خلاف مختلف برادرين ڳوٺن جي رهواسين سليمان عمر ڏاھري، عبدلستار ڏاهري، خان محمد مگسي، عابد حسين ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل قبرستان قديمي جيڪو 3 سئو سال پراڻو آهي، جنھن ۾ اسان جا وڏا دفن ٿيل آهن، مگر ڪجهه بااثرن پاران قبضو ڪري قديمي قبرستان ۾ قبرون کي مسمار ڪيو ويو آهي، احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽس وٺي قبضا معافيا خلاف ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.