اڏيرولال وليج (رپورٽر) سنڌ پنڪ گيمز 12 فيبروري کان جهولي لال ڊگري ڪاليج اوڏيرولال اسٽيشن ۾ شروع ٿينديون. اسپورٽس سنڌ حڪومت جي يوٿ افيئرز کاتي جي سرپرستي ۾ سنڌ پنڪ گيمز جو انعقاد ڪيو پيو وڃي، جيڪي پوري صوبي ۾ منعقد ٿي رهيا آهن. ضلعي مٽياري ۾ هي مقابلا 12 فيبروري کان 15 فيبروري 2025 تائين جاري رهندا. ضلعي مٽياري ۾ انهن راندين جي نگراني اسپورٽس آفيسر جليل احمد هاليپوٽو ڪندو، جڏهن ته مقابلا جهولي لال ڪاليج، اڏيرو لال ۾ ٿيندا. اهي رانديون خاص طور تي شاگردياڻين لاءِ منعقد ٿي رهيون آهن، جن ۾ بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، ٿرو بال، ۽ ڪرڪيٽ جا مقابلا شامل هوندا. سنڌ جي  راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير سردار محمد بخش مهر ۽ سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي اڳواڻيءَ ۾ اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتو بهترين ڪم ڪري رهيو آهي ۽ پنڪ گيمز جهڙن ايونٽن جي انعقاد سان شاگردياڻين کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. پنڪ گيمز جو مقصد عورتن کي راندين جي ميدان ۾ اڳيان آڻڻ ۽ کين پنهنجي صلاحيتن جي اظهار لاءِ بهترين پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي.