اڏيرولال وليج (ن پ ا) اڏيرولال جي زميندارن مٽياري شگر ملز جي انتطاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، زميندارن حاجي دوست محمد بلوچ، محمد ابراهيم بلوچ، ولي محمد بلوچ، عبدالعزيز بلوچ، حاجي عبدالقادر بلوچ، حق نواز ميرجت، خادم ميرجت، عبدالحڪيم ميرجت، محمد يوسف هنڱورو، شاهد جت، سائينڏنو ميرجت، علي محمد بلوچ ۽ محمد موسيٰ بلوچ ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته مٽياري شگر ملز هٿ سان علائقي جي زميندارن ۽ هارين کي ڀت سان لڳائڻ جي سازش ڪري رهي آهي، هنن چيو ته مٽياري شگرملز انتظاميا من ماني ڪري ڪمند جو اگهه 350 رپيا مقرر ڪيو آهي، جيڪو نامناسب آهي، هنن چيو ته هن وقت ڪاٺيون هڪ هزار رپيا في مڻ وڪرو ٿي رهيون آهن، جڏهن ته زميندار ۽ هاري 12 مهينا محنت ڪن ٿا جنهن کان پوءِ هٿ وٺي ڪمند جو اگهه گهٽايو وڃي ٿو، جنهن ڪري زميندارن، هارين ۽ ننڍن ننڍن آبادگارن کي ڪاپاري نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي گهرجي ته مٽياري شگرملز کي ان وقت تائين چالو نه ڪري جيستائين ڪمند جو اگهه 500 نٿو ڪيو وڃي. هنن چيو ته گذريل سال به آخر ۾ ڪمند جو اگهه 600 رپيا شگر مل وارن خريد ڪيو ڪيو ويو هو، ڇا ان وقت کين نقصان کي ڪونه ٿيو هو، پر جڏهن هن وقت آبادگار، هاري ۽ زميندارن جو مطالبو آهي ته ڪمند جو اگهه 500 رپيا مقرر ڪيو وڃي ته هن وقت اهو اگهه کين وڌيڪ ٿو لڳي. هنن چيو ته جيڪڏهن ڪمند جو اگهه 500 نه ڪيو ويو ته علائقي جو ڪوبه زميندار ڪمند مٽياري شگر ملز کي نه ڏيندو، پوءِ ڀلي زميندارن ۽ هارين کي پنهنجي ڪمند کي باهه ڏئي ساڙڻو ڇو نه پوي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته ڪمند جو اگهه گهٽ ۾ گهٽ 500 مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ 25 نومبر تي قومي شاهراه تي ڌرڻو هنيو ويندو.