اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا ) اڏيرو لال اسٽيشن ۾ جمعيت علماء اسلام جو پاور شو عوام جي وڏي انگ ۾ شرڪت پوري سنڌ مان علماء ڪرام پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ عبدالرزاق عابد لاکو حافظ اعظم جهانگيري قاري ڪامران مولانا عيسا سمون عبدالقيوم جوڳي مولانا طيب ميکو گل حسن زنئور ۽ ٻين عوام سان مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ ۾ واحد جميعت علماء اسلام پارٽي آهي جيڪا سنڌ جي حقيقي وارث آهي سنڌوء تي ڪينال اڏڻ واري معاملي جو پير کڻندا ته سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي جي پيرن جا نشان ملندا ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻن جو چوڻ هو ته جي يو آئي ڪراچي ۾ اي پي سي گهرائي آهي جنهن ۾ سنڌ جا سپوت ڀرپور شرڪت ڪندا ۽ سکر ۾ پڻ سنڌوء تي ڌاڙي خلاف وڏي پاور شو ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان پوري سنڌ مان جي يو آئي جا ڪارڪن شرڪت ڪندا هنن جو چوڻ هو ته اسلام ۾ سلامتي آهي انسانيت جو اصل درس اسلام سيکاري ٿو ڪجهه سنڌ دشمن عناثر سنڌ جي حقن تي ڌاڙا هڻن ٿا وري عوام جي سامهون اچي سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪن ٿا انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا عوام توهان کي چڱي ريت سڃاڻي ورتو آهي هاڻي عوام سنڌ جي اصل وارثن سان گڏ آهي جي يو آئي هميشه بنا لالچ جي سنڌ جي عوام جو ڪيس وڙهيون آهي ايس ايس پي مٽياري فيصل بشير ميمڻ جي ھدايتن تي ڊي ايس پي کيبراڻي، ايس ايڇ او اڏيرو لال اسٽيشن، ايس ايچ او اڏيرو لال وليج جلسي جي سيڪورٽي سنڀالي ان کانپوءِ ٽائون چيئرمين محمد قاسم ابڙو شھر جي بھترين نموني سان صفائي پڻ ڪرائي.