اڏيرو لال اسٽيشن(ن پ ا) سنڌي ادبي سنگت اڏيرو لعل اسٽيشن پاران ڳوٺ ڀائو خان پٺاڻ ۾ خيال کتريءَ جي سالگرہه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ منظور عمراڻيءَ سان رھاڻ رچائي عيد مشاعرو منعقد ڪيو ويو. ويھڪ جي شروعات شاھه جي وائي “منڌ پيئندي مون ” احمد جسڪاڻيءَ ڳائي ڪئي. امين اڏيرائي، عبدالشڪور شاد ڇٽو، عاجز ڇٽو، حيدر امان جسڪاڻي، اعجاز ٻرڙو، سيد امداد علي شاھ بخاري، سھراب ٻاٽي، حاجي غلام حيدر، احساس ميرل، ممتاز اوڏ، رفيق احمد ڀنڀرو، پنھنجيون تخليقون پيش ڪري واھه واھه ڪرائي ڇڏي. آخر ۾ احمد خان جسڪاڻيءَ پنھنجي مڌر آواز ۾ ڪلام چئي بيحد گهڻو داد حاصل ڪيو.