اڏيرولال وليج (رپورٽ: عبدالغفور هڱورو) اڏيري لال ۽ ڀرپاسي رمضان المبارڪ جو ڀلارو مهينو ايندي ئي کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي ويون. دڪاندارن سبزي، گوشت ۽ مڇي جا پنهنجي مرضي جا اگھ مقررڪري ڇڏيا، جنهن ۾ دڪاندارن، اٽو چانور، دال بيسڻ تيل، سميت فروٽ مڇي جا اگهه آسمان تائين پهچائي ڇڏيا آهن، ان موقعي تي وقار خاصخيلي، نبي بخش عمراڻي، اعجاز خشڪ. عمران ساهوال ۽ ٻين ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو، ته جيڪا شئي رمضان کان اڳ مناسب اڳهه تي ملندي هئي ساڳين شين کي رمضان شريف ۾ ڄڻ پر لڳي ويا آهن عام واهپي جي شين جي جاري ڪيل لسٽ تي ضلعي انتظاميه مڪمل طور تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي جڏهن ته مختلف دڪانن تي ريٽ لسٽ موجود هي ناهي جنهن ڪري دڪاندار توڙي فروٽ وڪرو ڪندڙ پنهنجا هٿرادو اڳهه مقرر ڪري غريب ۽ پورهيت طبقي کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن انهن وڌيڪ چيو ته آفيسر صرف شهر ۾ اچي فوٽو سيشن ڪرائي واپس وڃن ٿا. عوام کي رليف ڏيڻ ۾ بلڪل ناڪام ويا آهن، انهن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اوڏيرولال وليج ۽ ڀرپاسي ۾ وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي.