اڏيرولال (رپورٽ: عبدالغفور هڱورو) اڏيرولال اسٽيشن اوڏيرولال وليج. ڀائو خان پٺاڻ شير محمد ٺوڙها کيبر سميت ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ ٻه نمبر زرعي ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ جو وڪرو جاري آهي. جعلي دوائن ۽ ڀاڻ توڙي ٻج سبب آبادگارن جا فصل تباهه ٿي رهيا آهن ۽ کين ڪروڙن جو نقصان ٿي رهيو آهي. ان ڏس ۾ آبادگارن ننگر هڱورو. زبير احمد هڱورو. آسو ميرجت. سعيد بلوچ. حاجي هڪڙو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته زراعت کاتي مٽياري جي ڪامورن ۽ پيسٽي سائيڊ مالڪن پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ورتي آهي ڊيلر ٻه نمبر زرعي ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ ايگريڪلچر کاتي مٽياري جي ڪامورن سان ملي ڀگت ڪري سرعام وڪرو ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون ٻه نمبر هجڻ ڪري پوکيل فصل گهٽ ايوريج ڏئي رهيا آهن، جنهن ڪري آبادگار لکين رپين جا قرضي بڻجي ويا آهن ۽ ٻه نمبر ٻج ڀاڻ ۽ دوائن جا ڪاروبار ڪندڙ پيسٽي سائيڊ مالڪ ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته شڪايتن جي باوجود ڪو به تدارڪ نٿو ٿئي. ايگريڪلچر کاتو مٽياري ۽ زراعت کاتي جي مانيٽرنگ ٽيم جعلي ڪاروبار ڪندڙ پيسٽي سائيڊ مالڪن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن نتيجي ۾ اسان آبادگار ڏينهون ڏينهن قرض وڌندو وڃي ۽ اسان فاقاڪشي تي مجبور ٿي ويا آهيون. مقامي آبادگارن ٻڌايو ته پيسٽيسائيڊ ڪاروبار ڪندڙن کان اسان زرعي ڀاڻ خريد ڪيون ٿا ته اهي پٿر نڪريو اچن جنهن تي صرف رنگ لڳل هوندو آهي. ۽ زرعي دوائون به ڪنهن ڪم جون ناهن. هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، زراعت واري صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري زراعت کان فوري طور نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ٻه نمبر زرعي ٻج ڀاڻ ۽ دوائون وڪرو ڪندڙ پيسٽي سائيڊ مالڪن خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري تباهه ٿيندڙ زراعت کي بچايو وڃي. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اوڏيرولال وليج ۾ سيٺ کيمون مل جي پيسٽيسائيڊ دڪان تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر پروٽيڪشن سروس حيدرآباد عامر گوهر پاران چاپو هنيو ويو هو جنهن ۾ انتظاميه کي وڏي مقدار ۾ ٻه نمبر زرعي دوائون ۽ ڀاڻ مليو پر ان پيسٽ مالڪ خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ معاملي کي لهه مٽي ڪيو ويو. لاڳاپيل کاتي جي آفيسر ضمير گهمرو سان هن حوالي سان بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪئي.