اڏيرولال وليج (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن کي نظر انداز ڪري امڪاني طور اڏيرولال ڳوٺ کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ واري عمل خلاف شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن جو گڏيل اجلاس ٿيو،  اجلاس ۾ عزت علي برهماڻي، محمد قاسم ابڙو، آصف ڇٽو، شعيب ايوب هنڱورو، احمد خان خاصخيلي، محمد يوسف ڇٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾  اڏيرولال اسٽيشن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ خلاف گڏيل طور تي قرارداد منظور ڪري مرحليوار تحريڪ هلائڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته اڏيرولال ڳوٺ کي 15 ڏينهن اندر تعلقو ڪرائينداسين.