اڏيرولال وليج(رپورٽ: عبدالغفور هنڱورو) اڏيرولال اسٽيشن لڳ ڳوٺ محمد علي خشڪ جي ڊسپينسري ڪافي سالن کان بند پيل آهي، جتي ڪتن ۽ ٻين جانورن آستانا بڻائي ورتا آهن. جڏهن ته ڳوٺاڻا صحت جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. ڳوٺاڻن رئيس ارشاد خشڪ. رفيق جت. مظهر جت ۽ ٻين دانهيندي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسپتال بند هجڻ ڪري جانورن جو آستانو بڻجي ويو آهي. ناطمي واري دور ۾ تڏهوڪي ضلعي ناطم محمد علي شاھ ڄاموٽ علائقي جي عوام کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڊسپينسري ڏني هئي پر صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميا مٽياري جي بي ڌياني سبب ڳوٺ کي مليل صحت مرڪز ڪافي سالن بند پيل آهي آس پاس ۾ اسپتال نه هجڻ ڳوٺ جي ڊسپينسري بند هجڻ ڪري ڳوٺاڻا علاج لاءِ مختلف شهر ڏانهن وڏو خرچ ڪري ٻين اسپتالن مان پنهنجو علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن. هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي علائقي ۾ گيسٽرو. مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ معصوم ٻارڙا عورتون نوجوان وڪوڙ جي ويا آهن جنهن ڪري اسان سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن حوالي سان اسان ڊي سي مٽياري سميت صحت کاتي مٽياري کي درخواستون ڪيون آهن پر اسان جي ڳوٺ جي ڊسپينسري چالو نه ڪئي وئي آهي ڳوٺاڻن صوبائي وزير صحت کان مطالبو ڪيو آهي ته نوٽيس وٺي ڳوٺ جي ڊسپينسري جلد کولائي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.