اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا ) اڏيرولال اسٽيشن ويجهو ڪراچي کان ملتان ويندڙ ذڪريا ايڪسپريس جو گاڏو پٽڙي تان لھي ويو، جڏهن ته مسافر معجزاني طور محفوظ رهيا. ذڪريا ايڪسپريس ٽرين جي انجڻ اڏيرو لال اسٽيشن وٽ فيل ٿي وئي هئي جنهن کي واپس اڏيرو لال ريلوي اسٽيشن تي آندو پئي ويو ته گاڏو پٽڙي تان لهي ويو جڏهن ته سخت سيءُ ۾ مسافر عورتن سميت معصوم ٻارڙا سخت پريشاني کي منهن ڏيڻ تي مجبور ٿي ويا هئا جن کي 8 ڪلاڪن بعد ٻئي انجڻ لڳائي روانو ڪيو ويو هن جڏهن ته هڪ هفتي دوران هي ٻيو مسافر ٽرين سان واقعو پيش آيو آهي، مختلف ٽرينن کي اڏيرو لال اسٽيشن ۽ ٻين مختلف اسٽيشن ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهارڻ بعد روانو ڪيو ويو ريلوي انتظاميه هيوي مشينري گهرائي 12 ڪلاڪن بعد پٽڙي تان لٿل گاڏي کي ٽريڪ تي واپس آندو ويو جڏهن ته ريلوي جو نظام تمام خطرناڪ ٿي ويو آهي هوڏانهن ذڪريا ايڪسپريس سان حادثي کان پوءِ ريلوي ٽريفڪ بند ٿي وئي، جنهن ڪري هزارا ايڪسپريس ۽ ٻين ٽرينن کي ٽنڊي آدم ۽ ٻين اسٽيشنن تي روڪيو ويو.