اڏيرو لال اسٽيشن(ن پ ا) اڏيري لال ويجهو ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو، ٽن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.  ڳوٺ محمد حسن ساند ۾  ٻن ڀائرن وچ ۾ ملڪيت جي تڪرار تان  جهيڙو ٿي پيو،  ڪهاڙين جا ڌڪ لڳڻ سبب  فاطمه ساند، انور ساند، آفتاب، اقرا ۽ آصف ساند زخمي ٿي پيا.  اڏيرو لال اسٽيشن پوليس زخمين کي ليٽر ڏئي  اسپتال مٽياري روانو ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف انور ساند  جو چوڻ هو ته عرس ساند، منظور ساند، غلام رسول ساند، غلام حيدر ساند، جنيد ساند، ۽ ٻين اسان تي قاتلاڻو حملو ڪري ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا هڻي اسان کي زخمي ڪيو آهي