اڏيرولال وليج(ن پ ا) اڏيري لال واسي پورهيت ايران ۾ ڪرنٽ لڳڻ ڪري فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ اڏيرولال اسٽيشن جي ڳوٺ ميرل کوسو جو پورهيت سليم اوڏ ڪجھه مهينا پهرين ايران جي چاهه بهار واري علائقي ۾ مزدوري سانگي ويل هو، ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود لاش مائٽن کي نه ملي سگهيو آهي. فوت ٿي ويل نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته هتي روزگار نه هجڻ سبب نوجوان مزدوري سانگي بلوچستان جي جيوڻي واري علائقي مان لانچ ذريعي ايران ويل هو، جتي ڪم دوران بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آهي. ٽي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود لاش اڃان تائين ايران ۾ پيل آهي.