اڏيرولال وليج(رپورٽر) اوڏيرولال لڳ ٿاڻو مائينر شاخ جي آبادگارن ايريگيشن عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ايريگيشن عملدارن جي زيادتين خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج ڪندڙن الزام هڻندي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي سب ڊويزن ٽنڊوآدم جا عملدار رشوت خاطر هٿ وٺي پاڻي بند ڪري رهيا آهن، جنهن سبب سندن تيار ٿيل فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن. احتجاج ڪندڙ آبادگارن محمد هاشم بلوچ، سيلم بلوچ، غلام مصطفي جسڪاڻي، غلام حيدر بلوچ، حسين مڱريو، عبدالباسط بلوچ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جو روزگار زراعت سان سلهاڙيل آهي، پر ايريگيشن عملدارن جي ڪرپشن سبب سندن فصلن کي پاڻي نٿو ملي. پاڻي جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪري ساڻن ظلم ڪيو پيو وڃي. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور نوٽيس وٺي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.