اڏيرولال وليج (ن پ ا) اوڏيرولال ۾ برسات متاثرن پاران چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا مٽياري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ضلعي انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي ڪري پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. اوڏيرولال لڳ ھاشم ساند جي ڳوٺاڻن پاران 2022 وارين برساتن کانپوءِ مسلسل بيڌياني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شوڪت ساند، ستار ساند، معشوق ساند، قربان ساند، عمر ساند ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته 2022 جي برسات تباهي آڻي ڇڏي هئي، اسان جا گهر، مال، سامان سڀ ختم ٿي ويا آهن، پر افسوس جو اڄ تائين نه چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميا مٽياري ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو. اسان اڃا تائين کليل آسمان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهيون. متاثرن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نه فقط مالي مدد کان محروم رکيو ويو آهي، پر بنيادي سهولتن جهڙوڪ رهائش، پاڻي ۽ علاج جي به ڪا به سهولت نه ڏني وئي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته فوري نوٽيس وٺي سندن واهر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.