اوڏيرولال(رپورٽر) اوڏيرولال وليج جي جاموٽ پاڙي ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري رهواسين جو يوسي چيئرمين اوڏيرولال وليج ۽ سيڪريٽري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاج ڪندي رهواسين احسان قمبراڻي . قيام قمبراڻي ۽ ٻين چيو ته صفائي جي حوالي سان اسان يوسي انتظاميه کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن ته محرم الحرام اچي رهيو آهي هتان مومنين جاقافلا نڪرندا پر ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي گٽر ناليون بند پيل آهن موريون ٽٽل آهن محرم الحرام مھيني ۾ هڪ ڏينهن آهي پر اسان جي پاڙي جي صفائي اڃان تائين نه ٿي سگهي محرم الحرام دوران اسان جي پاڙي مان ننڍا وڏا 50 کان مٿي ماتمي جلوس مرڪزي امام بارگاهه ڏانهن بر آمد ٿيندا جنهن لاءِ اسان ڊي سي مٽياري سميت وس وارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته نوٽيس جاموٽ محلہ مان نڪرندڙ ماتمي جلوسن جي رستن جي صفائي ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي..