اڏيرولال (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي اڏيرولال اسٽيشن جي وارڊ 3 ۾ قائم سوڪ سينٽر ڪالوني جي رهواسين سيد محمد شاهه، فيض محمد جت، محمد اسلم ڇٽو، عدنان بهلم، شاهجهان ساهووال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته  ڪالوني کي چونڊيل نمائندن سدائين نظرانداز ڪيو آهي، بنيادي سهولتن کان محروم آهيون، جيستائين مسئلا حل نه ٿيندا، اميدوارن کي ووٽ نه ڏينداسين.