اڏيرولال وليج(ن پ ا) اوڏيرولال لڳ ڳوٺ پير سرهندي جو گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو، اسڪول جي عمارت هنڌان هنڌان زبون بڻجي وئي، ڳوٺ جي 40 کان مٿي شاگرد عمارت زبون هجڻ سبب اسڪول جي ورانڊي ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن، تعليم کاتو مٽياري لاپتا ٿي ويو. ڳوٺ جي چڱي مڙس پير عبدالنبي سرهندي، عبدالوفي سرهندي، شادي خان سهتو، عبدالڪريم سهتو، محمد صديق خاصخيلي، محمد عثمان خاصخيلي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته پندرهن مهينا اڳ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڊهي پيا هئا، ايترو وقت گذري وڃڻ باوجود ضلعي انتظاميا مٽياري اسڪول کي بنيادي سهولتون ۽ عمارت ڏيڻ بجاءِ استاد کي ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ته اسڪول کي تالو هڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته تعليم کاتو مٽياري اسڪول کي سهولتون ڏيڻ بجاءِ اسڪول کي بند ڪرڻ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ٿا ڪيون. هنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول جي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي بنيادي سهولتون فراهم ڪري شاگردن جو مستقبل بچايو وڃي.