اوڏيرولال وليج (ن پ ا) اوڏيرولال لڳ ڳوٺ سونو خان هنڱورو ۾ اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ سبب شاگرد پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن غلام حيدر، غلام قادر، علي رضا ۽ ٻين تعليم کاتي مٽياري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته تعليم سندن بنيادي حق آهي، پر اهي حق اسان کان کسيا پيا وڃن، اسڪول ۾ فرنيچر جي کوٽ هجڻ ڪري اسان جا ٻار پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن نه اسان جي اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت موجود آهي نه وري ڀاٿ روم آهي، هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڪري پريشانيون ختم ڪيون وڃن .