اوڏيرولال وليج (ن پ ا) مٽياري جي سڀ کان وڏي اسپتال رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ برقرار آهي، دوائن ۽ عملي جي کوٽ سبب ڇهن يونين ڪائونسل جي عوام کي صحت جون سهولتون ميسر ڪندڙ اسپتال ۾ بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب ايندڙ سوين مريض پريشان ٿي واپس هليا وڃن ٿا، ان سلسلي ۾ هتان جي سياسي سماجي ڌرين عاطف ساهووال، ايڊووڪيٽ غلام سرور خشڪ، عرفان بليدي، فراز ساهووال، عبدالغفار ساهووال ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل اسپتال ۾ دوائن سان گڏ عملي جي کوٽ پڻ برقرار آهي، کوڙ ڀيرا احتجاج ڪري اختيارين کي آگاهي ڏني وئي آهي، پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، هنن چيو ته هي اسپتال ڇهن يونين ڪائونسلن جي ڳوٺن ڀائو خان پٺاڻ، ڏهدري موري، ميانداد ساهووال، چريا چوڪ، تاج محمد هنڱورو، موليڏنو ميرجت، گولوميرجت، عبدالرحيم هنڱورو، وهاب شاه، پنهون هنڱورو، پڃيل ڳاهو، عبدالڪريم گهانگهلو، جان محمد هنڱورو، فيض محمد هنڱورو، گامون ميرجت، فارسي فارم، هالا حويلي، ريهاڻ مري، دين محمد هنڱورو، غازي خان ساهووال، اوٺو مري، فاضلاڻي موري، ڀورو هنڱورو، سچو ابڙا، محمد ابڙا سميت ڪيترن ٻين ڳوٺن جي بي پهچ ماڻهن لاءِ اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، پر اتفاق سان رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن ۾ کوڙ سارا بنيادي مسئلا دوائون، عملو، بجلي، پاڻي جي شديد کوٽ برقرار آهي، هنن صحت واري صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت، ڊي جي صحت ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته رورل هيلٿ سينٽر اوڏيرولال اسٽيشن ۾ دوائن ۽ عملي جي کوٽ ختم ڪري بنيادي سهولتون ڏئي اسپتال کي 24 ڪلاڪ هلايو وڃي.