اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرو لال اسٽيشن ۾ سنڌ پنڪ گيمز جو شاندار آغاز، ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ افتتاح ڪيو مٽياري ۾ سنڌ پنڪ گيمز 2025 جو شاندار افتتاح ٿي ويو. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ جھولي لال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج اُڏيرو لال ۾ انهن مقابلن جو باضابطا افتتاح ڪيو. هن موقعي تي خاص مهمان طور ڊائريڪٽر فزيڪل ايجوڪيشن آپا سروت ۽ پروفيسر نور محمد سھتو شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب جي اڳواڻي اسپورٽس آفيسر مٽياري جليل احمد هاليپوٽو ڪئي. پهريئين ڏينهن ڪرڪيٽ ۽ بيڊمنٽن جا دلچسپ مقابلا ٿيا. ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ جھولي لال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج، اُڏيرو لال ۽ سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج، مٽياري جون ٽيمون آمهون سامهون آيون. جھولي لال ڪاليج پهريان بيٽنگ ڪندي 6 اوورن ۾ 87 رنسون ٺاهيون ۽ 88 رنسن جو هدف ڏنو. سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ ڪاليج جي ٽيم 5 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 44 رنسون ئي ٺاهي سگهي، اهڙيءَ طرح جھولي لال ڪاليج 43 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي. بيڊمنٽن جي فائنل ۾ سردار محمد علي شاهه ڄاموٽ گورنمينٽ گرلز ڊگري ڪاليج، مٽياري بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري جھولي لال گورنمينٽ ڊگري ڪاليج اُڏيرو لال کي شڪست ڏئي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.