اڏيرو لال(ن پ ا) اڏيرولال جي مختلف علائقن جي آبادگارن سيد شاھنواز شاھه، عبدلواحد بلوچ، گل حسن بالادي، محمد اسماعيل بالادي، گمشاد بالادي، مرتضيٰ بالادي، غلام فريد بالادي، مورو بالادي ۽ عظيم بالادي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته ايريگيشن عملدارن نصير ڪئنال مان نڪرندڙ واٽر ڪورسن کي بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته نصير واھه مان نڪرندڙ بوفاڙ شاخ کي پڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري سندن پوکيل فصل پاڻي جي کوٽ سبب سڪي تباهه ٿي ويا آهن، ڪافي زمينون غيرآباد پيل آهن، جنهن ڪري فصل پوکي نه سگھيا آهيون، هنن ايريگيشن عملدارن تي الزام هڻندي چيو آهي ته ڄاڻايل عملدارن نصير واھه سمورا واٽر ڪورسن جا ڪرتا ڌرتا آهن، جيڪي بااثر زميندارن کان پيسا وٺي ننڍن آبادگارن جي حق تلفي ڪرائي رهيا آهن. هنن اختيارين کان جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.