مٽياري/اڏيرو لال اسٽيشن (نمائندن وٽان) اڏيرولال مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل  واپاري نريش ڪمار جو ڪيس سندس ڀاءُ  پريم چند جي فرياد تي 5 اڻڄاتل جوابدارن خلاف سيکاٽ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر شاھ موجب ته مغوي نريش ڪمار جي ڳولا لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ ھٿ ڪيا ويا آھن، سندس ھڪ ٻيو پيٽرول پمپ هو جيڪو ضلعي ٽنڊوالھيار جي شھر عثمان شاھ ھڙي ۾ آھي ٻه ڏينھن اڳ جا سي سي  ٽي وي فوٽيج پڻ ورتا آھن. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته ڪجھه شڪي ماڻهو گرفتار ڪيا آهن، انھن کان پڇا ڳاڇا جاري آھي.  ٻئي طرف ايس ايس پي مٽياري ٻن ٿاڻن جي ايس ايچ اوز کي هٽائي ڇڏيو آهي، نريش ڪمار اغوا معاملي تي ايس ايس پي مٽياري سيد علي اصغر شاهه ايس ايچ او سيکاٽ لطيف ميمڻ کي هٽائي ڇڏيو آهي، نوٽيفڪيشن موجب اڏيرولال وليج ٿاڻي تان ايس ايچ او امداد زرداري کي هٽائي سندس جاءِ تي علي محمد بجير کي لڳايو ويو آهي هوڏانهن مٽياري ٿاڻي تان ولي محمد چانگ کي هٽائي سندس جاءِ تي تسليم ڀرڳڙي کي مقرر ڪيو ويو آهي.