اڏيرولال وليج(ن پ ا) اڏيرولال  جي اسڪولن ۾ پاڻي ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ، معصوم ٻارڙا سخت گرمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور، خبر موجب اڏيرولال ڀرسان طاھر ھنڱورو، نوبت مري، بائو خان پٺاڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ واقع ڪيترائي سرڪاري اسڪول هن وقت بنيادي سهولتن جي کوٽ جو شڪار بڻيل آهن. خاص ڪري هن سخت گرمي جي موسم ۾ مسلسل لوڊشيڊنگ، صاف پاڻي جي اڻهوند، ۽ پکن جي کوٽ سبب معصوم ٻارڙا ڏاڍي مشڪل سان تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.، اسڪولن ۾ بجلي جي بندش سبب نه فقط استادن کي پريشاني ٿي رهي آهي، پر شاگرد پڻ پگهر ۾ تر ٿين ٿا. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ته فرنيچر جي کوٽ به ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جتي ٻارڙا زمين تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن.