اڏيرو لال اسٽيشن (ن پ ا) اڏيرولال مان 16 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل واپاري نريش ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو، واپاري نريش ڪمار شڪارپور ڀرسان آپريشن بعد بازياب ٿيڻ بعد پنهجي گهر حيدرآباد پهچي ويو، نوجوان جي گهر پهچڻ تي وارثن ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي،نريش پڻ وارثن سان ملاقات دوران خوشيءَ مان لڙڪ لاڙي ويٺو.ان حوالي سان اڏيرو لال اسٽيشن جي واپارين ۾ پڻ خوشي ۾  مٺايون تقسيم ڪيون آهن.