اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم 5 سالن جي قومي اقتصادي پروگرام اڏام پاڪستان جو اعلان ڪري ڇڏيو، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت سان فوج جو اهڙو تعاون ڪڏهن ناهي ڏٺو، حڪومت ۽ ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، ماضي ۾ اهڙي ڀائيواري ناهي ڏٺي، مون کي وڏا وِسوِسا آهن پر دعا ڪريان ٿو ته اڳتي به اها ڀائيواري جاري رهي، اُڏام پاڪستان پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته رياست کي بچائڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وينداسين ۽ اُن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن جو به مقابلو ڪيو ويندو، هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام روڪڻ لاءِ خط لکيا ويا، اُن کان وڌيڪ عوام سان زيادتي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، اِن جو ڪاٿو ئي ناهي ته اسان ڪيترو پوئتي هليا ويا آهيون، پر روئڻ پٽڻ جو ڪوبه فائدو ناهي، معيشت جي ترقي سياسي استحڪام سان جُڙيل آهي، اسيمبلي جي فلور تي ميثاق جمهوريت جي آڇ ڪئي، پر اُن کي حقارت سان ٿُڏيو ويو، اڄ به ميثاق معيشت لاءِ تيار آهيون، ملڪ ترقي لاءِ اچو ته اڳتي وڌون، گڏجي ويهون ته مسئلا ختم ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته اڏام پاڪستان جو محور برآمد تي ٻڌل ترقي آهي، معاشي استحڪام اچي ويو هاڻي اسان کي گروٿ ڏانهن وڃڻو آهي، ايڪسپورٽ وڌائڻ لاءِ اسان کي ڪاروبار دوست ماحول ٺاهڻو پوندو، روئڻ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيندو ماضي مان سبق سکي اڳتي وڌڻو آهي، پاليسي ريٽ وڌيڪ گهٽ هجڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته منهنجو وس هلي ته ٽيڪس گهٽ ڪريان ته جيئن ٽيڪس چوري نه ٿئي، اسان کي هدف حاصل ڪرڻ لاءِ سياسي هم آهنگي گهرجي، پاڪستان جو حال اهو آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ويندي آهي، ملڪي ترقي لاءِ اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي، ٽيڪسز ۾ گهٽتائي آءِ ايم ايف پروگرام بعد ايندي،  وزيراعظم چيو ته من موهن سنگهه نواز شريف ماڊل اختيار ڪيو، نواز دور ۾ جيڪي سڌارا آندا ويا انهن تي عمل ڪيو، جيڪي سڌارا هتي آندا ويا انهن کي اختيار ڪيو ويو، ان بعد باقي سڀ تاريخ جو حصو آهي. وزيراعظم چيو ته وزيراعظم چيو ته وڏين چئلينجن باوجود اسان معاشي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، اقتدار ۾ اچڻ وقت پاڪستان ڊفالٽ جي ڪناري تي هو، اتحادي حڪومت فيصلو ڪيو ته رياست بچائينداسين، سياست نه ڪنداسين، معاشي استحڪام لاءِ اسان کي ٻيو آءِ ايم ايف پروگرام وٺڻو پيو، اهو پاڪستان جي تاريخ جو آخري آءِ ايم ايف پروگرام هوندو. هن وڌيڪ چيو ته روئڻ سان ڪو فائدو نه ٿيندو، ماضي جي غلطين ۽ خرابين سبب 10 سالن ۾ 6 کرب جو نقصان ٿيو آهي، ماضي ۾ تڪبر ۽ ناپسنديده روين سبب اسان دنيا ۾ اڪيلا ٿي وياسين. دوست ملڪن کي ناراض ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته اڄ مهانگائي پنج سيڪڙو کان به گهٽ ٿي چڪي آهي. شهباز شريف چيو ته آءِ ٽي جي ايڪسپورٽ ۾ 34 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، وزيراعظم چيو ته نوجوان اسان جو اثاثو آهن، نوجوانن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪنداسين، اڄ ڊجيٽل معيشت جو دور آهي، آءِ ٽي شعبي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا فراهم ڪنداسين. جيڪڏهن پاڪستان کي اڳتي وٺي هلڻو آهي ته ٽيڪس کي گهٽ ڪرڻو پوندو، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ آزاد جمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم ، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز، سيد ناصر شاھ، گورنر خيبرپختونخوا ۽ گورنر بلوچستان پڻ شرڪت ڪئي. 5 سالن جو اڏام پاڪستان پروگرام پائيدار ڊجيٽل معيشت، توانائي، انفراسٽرڪچر، ماحوليات ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جو پروگرام آهي جنهن جو مقصد ملڪ جي معيشت کي مضبوط اقتصادي پليٽ فارم فراهم ڪرڻ آهي.