ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا ۽ مادل عرفي جاويد پنهنجي بي باڪ انداز سبب خبرن ۾ رهندي آهي پر اهو ئي بي باڪ انداز هاڻي کيس ٿاڻي تي وٺي وڃڻ جو سبب بڻجي ويو.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب عرفي جاويد ممبئي ۾ نامناسب ڪپڙا پهري هڪ ريسٽورنٽ ۾ موجود هئي جنهن کان پوءِ اداڪارا کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.عرفي جاويد جي گرفتاري جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ليڊي پوليس اهلڪارن کي عرفي کي زبردستي ريسٽورينٽ مان وٺي ويندي ڏسي سگھجي ٿو.وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته ريسٽورينٽ ٻاهران عورت پوليس اهلڪار عرفي کان سوال ڪيو ته ايترا ننڍا ڪپڙا پهري ڇو ٿي گھمي؟ جنهن تي عرفي چيو ته منهنجي مرضي، اداڪارا وڌيڪ سوال ڪندي چيو ته اوهان ڪنهن جي چوڻ تي مون کي گرفتار ڪرڻ آيا آهيو آئون نه هلنديس جنهن کان پوءِ پوليس کيس زبردستي پڪڙي گاڏي ۾ ويهاريو.عرفي جاويد جي گرفتاري جي وڊيو تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن ڪو ان کي نئون ڊرامو قرار ڏئي رهيو آهي ته ڪو ان کي عرفي طرفان ڪيل مذاق سمجهي رهيو آهي.