خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاه پيرسن عورت مسمات رحيمان روئيندي دانهيو آهي ته پنهنجي مڙس عبدالحسين سان گڏ چوڏهن ورهين جي عمر ۾ پاڪستان ٻيڙي ذريعي پهتي هيس. ڪراچي بندر گاه تي مڙس سميت پنج ڄڻن اغوا ڪيو. عورت رحيمان روئيندي ٻڌايو ته بنگلاديش ۾ منهنجو نالو روڀان هو، شهر گوناگر ڀرسان ڳوٺ چندر پور جي رهواسڻ آهيان. منهنجو ماروٽ عبدالحسين بجلي جو مستري هو جيڪو پاڪستان ۾ فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو جيڪو مون سان شادي ڪري پاڪستان گڏ وٺي اچي رهيو هو ته بندرگاه تي مونکي مڙس سميت اغوا ڪيو ويو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته اغوا ڪندڙ ٽولي مونکي پندرهن ڏينهن پاڻ وٺ رهايو جنهن بعد هڪ دلال ذريعي مونکي پندرهن هزار روپين عيوض منهنجي شادي هڪ اڌڙوٽ خيرپورناٿن شاه جي ڪاڇي جو رهواسي سان ڪرائي وئي ان سان منهنجي زبردستي شادي ڪرائي وئي هئي مونکي ڪاڇي جي برپٽ ويران علائقي ۾ رهايو ويو. مان دربدر واري ڏکي دردن ڀري زندگي گهاري آهيان. هن وقت پيرسن ٿي وئي آهيان منهنجي خواهش مان پنهنجي وطن بنگلاديش وڃان پنهنجي عزيزن پنهنجن سان ملان زندگي جون آخري گهڙيون انهن سان گذارڻ چاهيان ٿي مان هٿ ٻڌي پاڪستان جي حڪمرانن کي عرض ٿي ڪريان مونکي پنهنجي وطن بنگلاديش موڪليو وڃي،،
عورت کي وڪري بعد مڙس جي وفات تي ٻيهر وڪرو ڪيو ويو
خيرپور ناٿن شاهه: بنگلاديش واسڻ عورت مسمات رحيمان دانهيندي چيو ته منهنجو اڌڙوٽ مڙس شادي جي ڪجه عرصو بعد منهنجو مڙس وفات ڪري ويو جنهن بعد مڙس جي مائيٽن مونکي وڪرو ڪري ڳوٺ کنمبڙ جي رهواسي محمد نواز ملاح سان شادي ڪرائي جيڪو مڙس به اڌڙوٽ هيو ڪجه وقت به اهو به وفات ڪري ويو جنهن بعد مان اتان نڪري اچي خيرپورناٿن شاه ڀرسان مير حسن ڳوٺ ڀرسان سخي شيخ نهال جي درگاه تي پهتيس. اتان جي فقير احمد شيخ مونکي سهارو ڏنو پنهنجي گهر ۾ رهايو.