اسلام آباد: اڊيالا جيل ڏانهن ويندڙ سمورن رستن کي سيل ڪيو ويو، جيل جي مک روڊ تي ڪنٽينرز رکيا ويا، رستا بند ڪرڻ سبب رهواسي پريشان رهيا. پوليس جو چوڻ آهي ته جيل طرف ڪنهن کي به مظاهري جي اجازت نه آهي، هوڏانهن اسلام آباد ۽ راولپنڊي کي ملائيندڙ 70 هنڌن جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن سان نگراني ڪئي پئي وڃي.