کپرو (ن پ ا) هڪ ڏينهن اڳ اڇڙي ٿر سنجرواري پوسٽ وٽ جهنگل کي باهه سڪل گاهه، وڻ، جهنگلي جيوت ۽ چوپايو مال ساڙي رک ڪري ڇڏيو، خيرپور ميرس جي سرحدي علائقي هنج واري ڪڍي سنجرس واري پوسٽ وٽان لڳل باهه اک ڇپ ۾ ميلن تائين پکڙجي وئي، جڏهن ته ناري تعلقي جي سرحدي علائقي اڇڙو ٿر ۾ چراگاهن کي لڳل باهه تي اڃا تائين مڪمل طور ضابطو نه اچي سگهيو آهي، ان ڏس ۾ مقامي رهواسين مٺاخان راڄڙ، ساجن راڄڙ، ساڏور، گل محمد راڄڙ موجب ته باهه گاهه کي مڪمل ساڙي ڇڏيوآھي، پر وڻن کي لڳل باهه سبب ٿڙن ۽ ڪاٺين مان باهه جا شعلا ۽ دونهون اڃا تائين نڪري رهيو آهي، باهه وڌيڪ علائقو ساڙي سگهي ٿي، هنن چيو ته علائقي کي بچائڻ لاءِ مقامي ماڻھو ۽ رينجرس اهلڪار باهه کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن. کڏا ۽ رستا ٺاهي باهه وچ ۾ وٿيون ڌيون آھن، مقامي ماڻهن موجب ته 50 اسڪوائر ڪلوميٽر جي،12 هزار 3 سو پنج ونجاهه 12355.3 ايڪڙ زمين جي ايراضي تي پکڙيل گاهه ۽ وڻ ٻوٽا سڙي ويا آهن، جنهن جي ايراضي 12355.3 ايڪڙن تي پکيڙيل آھي باهه جي پکيڙ 40 کان 50 ڪلوميٽرن تي مشتمل آھي،ڪنڊي، کٻڙ، ڪرڙ، اڪ، ڦوڳ، ڪڀٽ، ٻير، سرڻ، کپ ۽ ٻيا قيمتي ٻوٽا ۽ گاهه سڙي ويو آهي،جڏهن ته سڙي مري ويل جانورن ۽ پکين جي نقصان جو به ڪاٿو نه لڳي سگهيو آھي.