اسلام آباد (م ڊ) پيپلزپارٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ رابطا شروع ڪري ڇڏيا، بلوچستان جي آزاد ايم پي ايز سان رابطن لاءِ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، 2 رڪني ڪاميٽي بلوچستان جي آزاد ايم پي ايز سان رابطا ڪري رهي آهي، ذريعن موجب بلوچستان جي 3 آزاد ايم پي ايز سان معاملا طئي ٿي چڪا آهن، بلوچستان مان وڌيڪ آزاد اميدوار پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب بلوچستان مان چونڊيل ايم پي ايز اسلام آباد ۾ موجود آهن، پ پ قيادت کين اسلام آباد گهرايو آهي.