اچو ته پنهنجي تهذيب کي بچايون

0
37
اچو ته پنهنجي تهذيب کي بچايون

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي وفاقي حڪومت جيڪا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان خلاف اپريل 2022 ۾ عدم اعتماد جي رٿ قومي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ بعد کيس هٽائي اقتدار تي براجمان ٿي، ان ۾ اهم ڪردار مسلم ليگ نواز ۽ پيپلز پارٽي هيون. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن پي ڊي ايم سرڪار ٺهي تڏهن بلاول ڀٽو زرداري ان ۾ پرڏيھي وزير مقرر ٿيو ۽ شھباز شريف وزيراعظم چونڊيو ويو. ان حڪومت آگسٽ 2023 ۾ ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ متعارف ڪرايل هڪ قانون ۾ ترميم آڻي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جو ادارو جوڙيو. ان اداري تحت معدنيات، زراعت، آئي ٽي سميت اهم شعبا ڏنا ويا. اڄ اسان هي جيڪو ڪارونجھر جي ڪٽائي، گورک جي نيلامي، ڪينجهر ۽ هاليجي جو وڪرو ويندي ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبا ڏسون پيا، اهي دراصل ان ئي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل اداري تحت آهن. ان اداري ۾ گرين ٽوئرازم وغيره سميت گرين پاڪستان منصوبا به آهن. جنھن ۾ ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ شروعاتي طور ملڪ جي 48 لک ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

سنڌ سان ويڌن ان سلسلي ۾ اهو آهي ته هڪ ته سنڌ جي 13 لک ايڪڙ زمين ڦٻائي پئي وڃي، جنھن جي شروعاتي ڪڙي طور گرين پاڪستان انيشيئٽو ڪمپني کي پھرين 52713، بعد ۾ عمرڪوٽ ضلعي جي 14 هزار ايڪڙ زمين ۽ هاڻ گورک جي 6 هزار ايڪڙ زمين جڏهن ته جوهي جي 4 هزار ايڪڙ زمين ڏني پئي وڃي. گورک ۽ جوهي وارن انگن اکرن تي اختلاف موجود آهي جو ان جي ڪا پڪي پختي ثابتي ناهي آئي پر سنڌ سرڪار ان ڳالهه ۾ وڌيڪ ابهام پيدا ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه جي ثابتي ڏني آهي جو هنن هڪ نوٽيفڪيشن وسيلي ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي دادو کي اهو حڪم جاري ڪيو ته هو گورک ۽ دادو جي ڪاڇي جي زمين وزٽ ڪرڻ لاءِ ايندڙ گرين پاڪستان انيشيئٽو پرائيوٽ لميٽيڊ ڪمپني جي ملازمن جي سيڪيورٽي سنڀالين.

ان ڳالھ ۾ ڪو شڪ ناهي ته جيئن 52713 ايڪڙ زمين ۽ 14 هزار ايڪڙ زمين ساڳي ڪمپني کي ڏني وئي آهي، ائين ئي ڏھ ھزار ايڪڙ جي لڳ ڀڳ زمين ان ڪمپني کي دادو جي ڪاڇي ۾ به ڏني ويندي. رڳو اهو نه پر ساڳئي وقت اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ڪينجهر ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ کي نيلام ڪرڻ سان گڏ ۽ ڪارونجهر مان معدنيات ڪڍي ان کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جي ناپاڪ سازش رٿي وئي آهي. سنڌ جي منڇر اڳ ئي تباھ ڪئي وئي.

سنڌو جو ڊيلٽا اڳ ئي تباھ ڪيو ويو هاڻ رهي ڪسر گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ سان پوري ڪئي پئي وڃي جو ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن لاءِ پاڻي به سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين مان ڇھ نوان ڪينال ڪڍي سنڌو درياهه کي مڪمل بنجر ڪيو پيو وڃي. انھن ڇهن ڪينالن ڪڍڻ لاءِ ارسا ايڪٽ ۾ پڻ ترميم ڪئي وئي ته جيئن ارسا مان مرضيءَ سان فيصلا وٺي پاڻي ورڇ کي پنهنجي مرضيءَ سان هلايو وڃي. هونئن به هن وقت به ارسا وفاقي اداري بدران پنجاب جي اثر هيٺ هلندڙ ادارو آهي. ارسا جيڪا هر سال 20 کان 30 سيڪڙو سنڌو جي سسٽم ۾ پاڻي کوٽ ڊڪليئر ڪندي آهي سو جيڪڏهن هي ڇھ ڪينال ٺهي ويا ته صورتحال ڪٿي بيهندي ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي.

سنڌو درياهه مٿان 6 ڪينالن واري منصوبي جي صرف هڪ منصوبي کي ڏٺو وڃي ته اندازو ٿي ويندو ته هي ڪيڏا خطرناڪ ۽ سنڌي قوم لاءِ ڪيڏا نه قاتل زهر مثل آهن. گريٽر چولستان اسڪيم تحت 6 ملين (يعني 60 لک ) زمين آباد ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو  آهي. 60 لک ايڪڙ زمين ان جي ڪمانڊ ايريا آهي. ان ۾ ٽي ننڍا ڊيم آهن. ٻه بيراج آهن. هڪ انٽر رور ڪينال آهي. ان ۾ مين ڪينال به آهن. هڪ چنيوٽ ۾ آهي. هڪ مدرانجها ڊيم آهي. چناب تي هڪ وڏو انفرااسٽرڪچر جوڙيو پيو وڃي. جڏهن ته ان کانپوءِ ٻي اسڪيم آهي. سمالر چولستان جي. ان وسيلي 12 لک ايڪڙ زمين جو ٽارگيٽ آهي. ان ۾ هڪ 200 ڪلوميٽر کان وڌيڪ ڊگهو هڪ ڪينال آهي. هاڻ اندازو لڳايو ته صرف چولستان اسڪيم هيٺ 72 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين لاءِ پاڻي کنيو پيو وڃي ته ٻين ڪينالن وسيلي ڪيڏي تباهي ڪئي ويندي.

نه صرف اهو پر ستلج جيڪو جنرل ايوب ڀارت کي وڪڻي ڏنو جيڪو فيصلو به سنڌي قوم جي مرضي بنا ڪيو ويو ۽ جنھن سان سنڌي قوم کي سخت نقصان ٿيو جو ستلج سنڌو درياهه جو معاون درياهه هو ۽ ان تي به حق سنڌين جو هيو تنهن تي هاڻ وڏي اسڪيم جوڙڻ جو رٿيو ويو آهي پر وڏي ٽيڪنيڪل نموني ان مان انٽر رور ڪينال سنڌو درياهه سان جوڙيو ويو آهي جيئن ستلج ۾ سواءِ ٻوڏ وارن سالن جيڪي به سالن کان پوءِ ايندا آهن نه ته ستلج ۾ ڀارت پاڻي ناهي موڪليندو ان صورت ۾ سنڌو درياهه مان ڪينال وسيلي ان ڪمانڊ ايريا ۾ ڄاڻايل زمين کي پاڻي ڏنو ويندو مطلب ته ڳالھ هيرائي ڦيرائي ڪئي وئي آهي ته ڪينال ستلج تي هوندا جڏهن ته عملي طور پاڻي وري به سنڌو درياهه جو نڪرندو.

ان ڪري هي سنڌي قوم جي پنج هزار سالا تهذيب جو معاملو آهي. ڇھ ڪينال جڙڻ سان سنڌو درياهه ختم ٿي ويندو. ھوڏانھن ڪارونجھر ويندو. ٻيا سڀ تاريخي ماڳ مڪان ختم ڪري سنڌي قوم جو سڄو وجود ختم ڪيو ويندو ۽ سنڌو درياهه ختم ٿيڻ سان سنڌو تهذيب به ختم ٿي ويندي. تنھن ڪري سموري سنڌي قوم کي متحد ٿي پنهنجو پنج هزار سالا تاريخي وجود بچائڻو پوندو.

رسول بخش پليجي صاحب جي لفظن ۾ ته ائين ارغونن، ترخانن ۽ يونانين به نه ڪيو جيئن هي ڪن پيا. سنڌي قوم پنهنجو وجود بچائيندي اچي ۽ اڄ به ان تحفظ ڪبو. اڄ حڪمران ڌُر وارا ارغوني روپ ۾ آهن، ان ڪري انھن کان پنھنجي سنڌ جو وجود بچائڻو آهي.