اچو ته پاڻ سنواريون

0
51
آسمان-تان-لھي-آيل-درد

  ترتيب سان زندگي گذارڻ وارن ماڻھن جا ڪمرا بي ترتيب ھوندا آھن، ترتيب وقت گھرندي آھي، ۽ بي ترتيب ٿيل سامان پاڻ ۾ ڳالھيون ڪرڻ لڳندو آھي، بي ترتيب ڊائريون لفظن جي ھجوم ۾ سٿيل ھونديون آھن، بي خيالي ترتيب جي پھاڄ آھي جيڪا اٿندي ويھندي ترتيب تي ٺٺوليون ڪندي آھي. پاڻ ٺاھڻ، پاڻ سنوارڻ عشق جي پھرين منزل آھي جنھن ۾ ماڻھو خوابن جا محل اڏيندو آھي جيئن ڪوريئڙو شڪار لاءِ ڄار اڻندو آھي ايئن عاشق محبوب جي لاءِ ڄار اڻڻ شروع ڪندو آھي، ڪڏھن ڪڏھن اڻيل ڄار به خالي رھجي ويندا آھن، جنھن کي ڏسي ويرانيءَ جو منظر اکيان اڳيان تري ايندو آھي ۽ پوءِ ويرانيءَ جي ور چڙھي ويندڙ جايون ڪرائي لاءِ واجھائينديون رھنديون آھن. نوان ڪرائيدار ترتيب سان رھڻ خاطر پھرين بي ترتيبي ختم ڪري ڇڏيندا آھن ايئن دليون به ھڪ ويران باغ ڇڏي ڪو نئون باغ وسائينديون آھن،. جتان جا گل ڏسڻ ۾ تازا توانا لڳندا آھن پر پيار جو پاڻي نه ملڻ سبب جلدي مرجھائجي ويندا آھن. پيار محنت طلب ڪم آھي جنھن کي خوش اصلوبيءَ سان نڀائڻ ئي اصل ۾ ڪاميابي آھي. ساڳيو وھنوار ھن دنيا جي ڌنڌن جو به آھي جيڪي وقت گھرن ٿا ۽ توجھه گھرن ٿا، محنت گھرن ٿا، تڏھن وڃي ڪو معاوضو ملي ٿو تڏھن ئي ڪو لاڀ حاصل ٿئي ٿو، روز مرہ جا ڪم، ۽ ساڳي روٽين به ڪڏھن ڪڏھن بخيلي پيدا ڪري وجھي ٿي ۽ ماڻھو بيزار ٿي پوي ٿو. ھڪڙي ننڍڙي غلطي به حاصل ڪيل مقام کي ھاڃو رسائي وجھي ٿي.

ايئن پيار به، اڪير، سڪ به نفرت، حسد، ساڙ ۽ ڪيني ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، تنھن ڪري لازم آھي ته حاصل ۽ لاحاصل جي فلسفي کي سمجھڻ گھرجي. جيڪا شيءَ محنت، مشقت، جدوجھد سان حاصل ڪري وٺجي ان جو قدر ڪيو وڃي ۽ سنڀال ڪرڻ به لازمي ٿيو وڃي.

توھان جڏھن ٻين جو قدر ڪرڻ سکي وٺندا تڏھن اوھان جو به يقينن قدر ڪيو ويندو، جيئن عزت حاصل ڪرڻ لاءِ ٻين جي عزت ڪئي وڃي ۽ پوءِ اھائي عزت اوھان جي ڳچيءَ جو ھار بڻجي پوي. آھي ڪو دنيا ۾ اھِڙو مثال جو سواءِ محنت ڪرڻ، تڪليفون برداشت ڪرڻ کانسواءِ ڪنھن کي ڪو رتبو مليو ھجي، ھڪ ڳنوار به لئيءَ مان لٺ ڀڃي ڳنوار نٿو ٿي سگھي جيستائين کيس ڳئن جي نفسيات مان واقف ٿيڻو نٿو پوي. تڏھن ئي ته واقف ٿيڻ، اھم جزو آھي انھيءَ منزل جو ۽ انھيءَ رتبي جو. تڏھن ئي ته دنياداريءَ ۾ علم ۽ حلم جي اھميت رھي آھي، پرکڻ ۽ پرجھڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آھي، تڏھن ته تجربي ۽ مشاھدي جي اھميت کي اکين تي رکيو ويو آھي.

اسان جو اڄ جو نوجوان جتي تعليم کي اھميت ڏئي رھيو آھي اتي کيس فھم ۽ ادراڪ کي به اھميت ڏيڻي پوندي، ڪردار کي صحيح رخ ۾ وٺي وڃڻ لاءِ اخلاقيات کي به پنھنجو ڪرڻو پوندو.

ھرڳالھه تي تنقيد، ھر ڳالھه تي ھلڙ بازي، چڙھت، وڏن جو ادب نه ڪرڻ، پاڻ کي عقل ڪل سمجھڻ اھڙو عمل آھي جيڪو معاشري کي تباھيءَ طرف ڌڪي رھيو آھي اھو ته ايئن وڃي ٿيو ته سکڻي ڪُنِي گھڻو اڀامي، يا خالي گھڙو وڃي، تنھن ڪري ڌيرج ڌاريو ٿڌا گھڙا ٿيو، جيڪو پاڻ کي ڇانوَ ۾ رکرائيندو آھي.

اچو ته پنھنجن خيالن کي ڪاترتيب ڏيون، بيخيالي جي دنيا مان نڪرون جيئن اسين پنھنجي سنوار ڪريون ٿا، محبوب جي ويجھو ٿيڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، کيس وڻڻ لاءِ جتن ڪريون ٿا ايئن پنھنجي ڌرتي، پنھنجن ماڻھن، پنھنجن ڪردارن، پنھنجي سماج کي پاڻ وڻائڻ ۾ به ڪا ڪسر، نه ڇڏيون پنھنجي اندر ۾ ڪوريئڙي وارو ڄار نه اڻو، اندر جي صفائي ڪريو، نفرت حسد ساڙ کي پيار ۾ بدلايو ڪنھن جو ُُُحوصلو ٿيو، ڪنھن جا ڀرجھلا ٿيو،ته بي ترتيبي ختم ٿي ويندي، خاليپڻو محسوس ڪونه ٿيندو اوھان ھميشه ڀريل ھوندا، پيار سان محبت سان. باقي زندگي ته جانور به گذارين ٿا، خونخوار بگھڙ به گذارين ٿا، آھن ڪنھن کي ياد، مٿن ڇو ڪونه  ٿا اڏجن، سنڌ ۾ ھڪ ڪتي جي قبر آھي اھا به وفاداري جي سلي ۾ سنڌ جي اتساھه جو سبب بڻيل آھي اوھان انسان ھوندي به اھڙو مثال قائم نه ڪري سگھيا آھيو.