ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ جي فنڪارن ايڪتا ڏهاڙي جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن، اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سلوگن سان فنڪار روشن علي ميرالي گيت تيار ڪري ورتو، اچو ته نئين سنڌ اڏيون سنڌيو سڀ گڏ ٿيو علي قاضي جو ساٿ ڏيون گيت ڳائي جاڳرتا ريلي ڪڍي فنڪارن پاران ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي ملهائڻ جو وچن ڪيو ويو فنڪارن هٿن ۾ يڪتارا ۽ چپڙيون کڻي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جا گيت ڳايا، فنڪارن روشن علي ميرالي، جلال بروهي ، صادق سولنگي، ملوڪ فقير مگسي ، حاجي سمون ، شفقت علي ۽ سلامت علي ميرالي جو چوڻ آهي ته هر سال جيان ايڪتا ڏهاڙو علي قاضي جي اعلانيل ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان 3 ڊسمبر تي ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهائينداسين ۽ ڀٽ شاھ جي نگري ۾ نئين سلوگن سان ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جون تياريون شروع ڪيون آهن 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان گڏجي پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت کي شاندار ڀيٽا پيش ڪنداسين