اچو ته نئين سنڌ اڏيون: سنڌ ۾ ايڪتا جون تياريون زور وٺي ويون، تقريبون، مچ ڪچهريون

0
175
اچو ته نئين سنڌ اڏيون: سنڌ ۾ ايڪتا جون تياريون زور وٺي ويون، تقريبون، مچ ڪچهريون
اچو ته نئين سنڌ اڏيون: سنڌ ۾ ايڪتا جون تياريون زور وٺي ويون، تقريبون، مچ ڪچهريون

ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي ايڪتا جون تياريون زور وٺي ويون آهن،  مختلف شهرن ۾ تقريبون ڪوٺايون ويون، شاگرد ۽ شاگردياڻيون به سڀني کان اڳتي، ٻارن ۾ به جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان آهي

لاڙڪاڻي ۾ مختلف تعليمي ادارن توڙي سماجي اڳواڻن سميت شهرين طرفان ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار پاران “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري ھيٺ ايڪتا ملھائڻ واري اعلان کانپوءِ شهر جي مختلف هنڌن پاڪستاني چوڪ، بندر روڊ ،شاهي بازار، سرهيا پڌر، جناح باغ چوڪ تي ثقافتي ويس وڳن جا اسٽال لڳايا ويا آهن

جتي وڏي انگ ۾ ٻار، نوجوان توڙي پڪا پوڙها پهچي ثقافتي شين جي خريداري ڪن ٿا، ان ڏس ۾ خريداري ڪندڙ شهر واسين سهيل احمد سومرو، عزيز الرحمان، آصف علي کهاوڙ، منصب علي، نياز حسين، دلشاد علي ۽ ٻين پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسان وٽ شهر ۾ ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ تياريون زور شور سان جاري آهن

اسان پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي ثقافتي شيون ٽوپي اجرڪ ۽ ويس خريداري ڪري رهيا آهيون، هنن چيو ته هر سال جيان هن ڀيري به ايڪتا ڏهاڙو ٽائيم نيوز، پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي طرفان اعلانيل اچو ته نئين سنڌ آڏيون تحت 3 ڊسمبر تي ڀرپور نموني ملهائينداسين، هنن چيو ته ايڪتا ڏهاڙو سنڌين جي قومي عيد آھي، علي قاضي جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسان کي قومي عيد ملھائڻ جو پليٽ فارم فراهم ڪيو، هوڏانهن مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ تعليمي ادارن طرفان ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ سرگرميون شروع ڪيون ويون آهن ۽ تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن

ڀٽ شاهه ۾ ايڪتا جي موسيقي جي محفل، قومي گيتن تي جهمريون

ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ ايڪتا جا رنگ نکري پيا، سول سوسائٽي پاران ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تي شاندار ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ فنڪارن پاران اچو ته نئين سنڌ اڏيون، سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو،  سھڻا ماڻهو ٻيا به ھزار پر سنڌي ماڻهو پڌرا لکن ۾ جا گيت پيش ڪري ماڻھن کي جھومائي ڇڏيو، روشن علي ميرالي، جلال بروهي ،ملوڪ مگسي ،صادق سولنگي، حاجي سمون ۽ ٻين پاران سرن جي ورکا ڪئي وئي شهرين ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن پاران ڀرپور شرڪت ڪري، “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي گيت تي فنڪارن کي ڀرپور داد ڏنو ويو

شهرين، فنڪارن ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن پاران ٽائيم نيوز ، پنهنجي اخبار جي سرواڻ محترم علي قاضي جي اعلانيل ثقافتي ايڪتا ڏهاڙو 3 ڊسمبر تي ڀرپور انداز سان ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو ۽ رانا غلام نبي راجپوت ، ذوالفقار علي سومرو، حيدر علي ڀٽي، روشن علي ميرالي، اظهر علي، رمضان فقير ميرالي ۽ ٻين جو ڳالهائيندي چوڻ هو ته ايڪتا جون تقريبون ۽ مچ ڪچهريون منعقد ڪري سنڌ جي 5 هزار سال تاريخي ثقافت کي اجاگر ڪري ان کي ڀيٽا ڏني پئي وڃي

ڪوٽڙي ۾ “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” ايڪتا مناسبت سان اسڪول ۾ تقريب

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي ۾ ثقافتي سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران 3 ڊسمبر تي اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان  ڪوٽڙي جي نجي هاءِ اسڪول ۾ رنگارنگ ايڪتا تقريب ٿي گڏري. تقريب ۾ ٻارڙن پاران سنڌ جا لوڪ گيت ڳائي، ثقافتي رقص ڪري ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جو عزم ڪيو ويو. ٻارڙن ثقافتي لباس پائي خوبصورت  ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا، انڊس پبلڪ هاء اسڪول ڪوٽڙي پاران ٿيل ان زبردست ايڪتا تقريب دوران ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي اسڪول جي شاگردن ۽ استادن توڙي معززين  مولائي نوح کوسو، فقيرداد کوسو، قاسم کوسو، سليم کوسو ۽ ٻين جو چوڻ هيو ته هر سال جيان هيل به 3 ڊسمبر تي ڀرپور نموني سان ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويندو ۽ علي قاضيء جي سڏ جي سڏ کي ورنائيندي ايڪتا ڏينهن تي روڊن تي هونداسين، ريلويون ڪڍي ثقافتي ويس وڳا پائي دنيا کي صوفياڻي سنڌ جي امن جو پيغام ڏينداسين، اسڪول پاران ملهايل ايڪتا تقريب سان 3 ڊسمبر واري ايڪتا ڏهاڙي لاء هر ماڻهوء ۾  وڌيڪ جوش جذبو پيدا ٿي ويو آهي.

شڪارپور ۾ ايڪتا تقريب: ھاءِ اسڪول ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو

شڪارپور (رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سرواڻ جي سڏ تي شڪارپور جي گورنمينٽ شاهه عبدالطيف ھاءِ اسڪول ايڪتا رنگن ۾ رڱجي ويو، خبر موجب ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي جي سڏ اچو ته نئين سنڌ اڏيون جي عنوان ھيٺ شاهه عبدالطيف گورنمينٽ ھاءِ اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ٿي

جنهن ۾ گلن جھڙن ٻارڙن مختلف موضوعن تي تقريرون ڪري ٽيبلوز پيش ڪيا ويا ۽ قومي گيتن تي رقص ڪيو، اسڪول جي پنڊال کي اجرڪ ۽ رلين سان سينگاريو ويو هو

ان موقعي تي الطاف چاچڙ، صفدر امير پھوڙ، نورالدين سومرو، ذولفقار جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته ايڪتا ڏهاڙو ملهائي اسين پوري دنيا کي ميسيج ٿا ڏيون ته اسين سنڌين کي پنهنجي ثقافت سان پيار آهي ۽ اسين سڀ گڏ آھيون، هنن چيو ته ايڪتا ڏهاڙو اسان لاءِ ڪنهن خوشي کان گھٽ ناهي، اسان سنڌي آھيون، سنڌ اسان جو وطن آھي، اسان سنڌين جي نشاني اجرڪ، پٽڪو ۽ ٽوپي آھي