“اچو ته نئين سنڌ اڏيون”: بلڙي شاهه ڪريم ڊگري ڪاليج ۾ ايڪتا تقريب

0
140
“اچو ته نئين سنڌ اڏيون”: بلڙي شاهه ڪريم ڊگري ڪاليج ۾ ايڪتا تقريب
“اچو ته نئين سنڌ اڏيون”: بلڙي شاهه ڪريم ڊگري ڪاليج ۾ ايڪتا تقريب

بلڙي شاه ڪريم (ن پ ا) بلڙي شاه ڪريم جي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار گروپ پاران اعلانيل “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” واري عنوان هيٺ ايڪتا تقريب ٿي، جنهن ۾ ڪاليج پرنسپل پروفيسر جميل مغل، سينئير استاد عبدالرشيد سومرو، پروفيسر عباس مهدي، عبدالرزاق سومرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي

تقريب ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ثقافتي لباس پائي قومي گيتن تي رقص، تقريرون، ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو، شاعري وسيلي سنڌ ۽ سنڌي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ آيل معزز مھمانن کي ڪاليج پرنسپال جميل مغل، ۽ ٻين پاران  سنڌ جي ثقافت اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا

تقريب ۾ ڪاليج پروفيسر ۽ شاگردن چيو ته پنهنجي قومي ثقافتي ڏهاڙي کي زنده قومون ئي ملهائينديون آهن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار گروپ پاران اعلانيل اچو ته نئين سنڌ اڏيون واري عنوان جي پڻ ساراهه ڪندي هنن چيو ته هن وقت نئين سنڌ اڏڻ جي ضرورت آهي جيڪا هر طبقاتي نظام، انتهاپسندي، کان پاڪ هجي سينئر صحافي علي قاضي جي سڏ بعد ئي سنڌ ۾ سنڌي ثقافت ملائڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو هاڻ قومي عيد وانگي ملهايو ٿو وڃي