بدين(رپورٽر) ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پاران ثقافتي ڏھاڙو آچو ته نئين سنڌ اڏيون جي سري ھيٺ ملھائڻ واري اعلان بعد بدين ۾ ايڪتا ثقافتي سرگرميون شروع ٿي ويون آھن بدين شھر جي مڱڻھار فقيرن پاران الله والا چوڪ بدين کان ايوان صحافت تائين دھل ۽ شرناين سان  جاڳرتا ريلي ڪڍي سنڌي پٽڪا، ٽوپيون ۽ اجرڪون پائي ثقافتي ڏينھن جي تيارين جي شروعات ڪئي وئي، ايوان صحافت بدين آڏو دھل شرناين تي  نالي وارن ڪڇي لجپال گروپ جي فقيرن شفيع فقير ۽ دلبر فقير قومي گيت ڳائي رقص ڪيو، انھي موقعي تي سنڌ ثقافت گروپ جي فنڪارن ذوالفقار عرف عارب فقير ۽ ساٿين انور فقير معشوق فقير ارباب فقير ۽ محمد فقير دھل شرناين تي اجرڪ پائي رقص ڪيو جڏھن مگڻھارن فڪيرن  ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار پاران 3 ڊسمبر تي اعلانيل ايڪتا ڏھاڙو شاندار نموني ايوان صحافت آڏو ملھائڻ جو اعلان ڪيو آھي