ھنڱورجا (ن پ ا) ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي پاران “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جي سري ھيٺ ملھائڻ واري اعلان کانپوءِ ھنڱورجا ۾ به سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، سياسي، سماجي ڌرين، استادن به وچن ڪيو ته اسين 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي گروپ سان گڏ ھونداسين، جڏھن ته ٽائون ڪاميٽي ھنڱورجا جي چيئرمين سيد عباس علي شاھ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته اسين 3 ڊسمبر تي ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي گروپ سان گڏ ھونداسين ۽ 3 ڊسمبر سنڌين جي قومي ثقافتي عيد آھي اھو سڄو ڪريڊٽ محترم علي قاضي ڏي وڃي ٿو جنھن اسان کي قومي ثقافتي عيد ملھائڻ جو ھڪ پليٽ فارم ڏنو جڏھن ته گسٽا مھيسر گروپ سنڌ جي صدر مقصود خان مھيسر چيو ته 3 ڊسمبر تي اسين سڀ استاد توڙي شاگرد سڀ ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار جي ٽيم سان گڏ ھونداسين، قومي ثقافتي عيد جيڪا پوري دنيا ۾ ملھائي ويندي آھي ھي واحد ثقافتي عيد آھي جنھن تي رنگ نسل کان پري ٿي سڀ ھڪ ٿي ھي عيد سنڌي ويس پھري ملهائيندا آھيون، جڏھن ته گسٽا مھيسر گروپ ضلعي خيرپور جو صدر استاد الطاف حسين سھتو چيو ته گذريل سال برساتن سبب مسڪين ماروئڙا تمام گھڻا متاثر ٿيا ھئا، ان لاءِ “اچو ته نئين سنڌ اڏيون” جو ھڪ وقتائتو اعلان آھي، ھميشه ٽائيم نيوز ۽ روزاني پنھنجي اخبار مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پھچائين ٿا.