لنڊن/واشنگٽن(م ڊ) اڄ سڄي دنيا ۾ ويلنٽائن ڊيملهايو ويندو، ان دوران آن لائن فراڊ ڪندڙ مافيا سرگرم ٿي ويو، جنهن تي ميٽا خاص طور تي جوڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو. ان فراڊ کي “رومانٽڪ فراڊ” جو نالو ڏنو ويو. العربيه موجب فيس بوڪ جي مالڪ ڪمپني ميٽا آن لائن رومانوي فراڊ ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال جي وڌندڙ خطرن کان خبردار ڪندي چيو آهي ته آن لائن دوکيباري ڪندڙ ويلنٽائن جي موقعي تي فراڊ لاءِ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪري سگهن ٿا. رپورٽ موجب اهي ٽولز جعلي آڊيو سان گڏ ٺاهيل وڊيو اميج پويان لڪڻ جي اجازت ڏين ٿا، جنهن سان هو وڊيو ڪالز جو جواب ڏئي سگهن ٿا، فراڊ ڪندڙ اي آءِ جي ذريعي ڪنهن مشهور شخصيت جو چهرو پنهنجي چهري تي لڳائي دوکو ڏئي سگهن ٿا. آمريڪي ڪمپني اوپن اي آءِ جي محققن چيو ته فراڊ ڪندڙن جي گروپ مواد ٺاهڻ ۽ ترجمو ڪرڻ لاءِ اسٽارٽ اپ جو سافٽ ويئر به استعمال ڪيو. ميٽا وٽ ان سرگرمي جي صرف هڪ حصي جو پتو لڳائڻ جي صلاحيت آهي، ميٽا وضاحت ڪئي آهي ته دوکي جي نشاندهي لاءِ تصويري تجزيي بدران طرز عمل جي نمونن ۽ ٽيڪنيڪي اشارن تي غور ڪريو. ميٽا پنهنجي صارفين کي رومانس اسڪيم کان محتاط رهڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.