ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز جي سينيئر اداڪارا ناديه افغان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس اڄ تائين ڪيترن ئي ڊرامن جو معاوضو ناهي مليو. تازو ئي ناديه افغان هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل ڪيترن ئي موضوعن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هن هڪ بليڪ ڪتاب رکيو آهي، جنهن ۾ هن انهن ماڻهن جا نالا درج ڪيا آهن، جن سان هوءَ هاڻي ڪم ڪرڻ نٿي چاهي، جهڙوڪ پروڊيوسر، اداڪار ۽ هدايتڪار وغيره، ناديا افغان انڪشاف ڪيو ته هن ڪيترائي ڊراما ڪيا آهن، جن ۾ اداڪاره طور ڪم ڪرڻ لاءِ کيس پئسا نه مليا آهن پر جن پروڊيوسرن سندس ادائيگي روڪي ڇڏي، هوءَ انهن سان ٻيهر ڪم ناهي ڪندي ۽ انهن کي صاف ٻڌائي ڇڏيندي آهي ته ڊرامي جا پيسا نه ملڻ تي هوءَ ٻيهر ڪم ڪرڻ کان پاسو ڪري رهي آهي، اداڪارا چيو ته الله روزي ڏيندو آهي، الحمدلله اڄ به مون کي ڪم ملي رهيو آهي، پر ڪيترائي ماڻهو هن بليڪ بڪ ڏانهن هليا ويا آهن. ناديا جو چوڻ هو ته مان اڪثر پنهنجي مڙس کي چوندي آهيان ته جن ماڻهن سان مان ڪم ڪندي هئي اهي سڀ بليڪ بڪ ۾ هليا ويا آهن، جيڪڏهن ڪم نه ملي ته ڇا ڪريان، جنهن تي هو مون کي يوٽيوب چينل تان ڪمائڻ جو مشورو ڏئي ٿو. ياد رهي ته ناديه افغان ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاري چڪي آهي، کيس مداحن طرفان تمام گهڻو پسند ڪيو ويندو آهي ۽ هو شوبز سان لاڳاپيل ڪنهن به موضوع تي پنهنجي خيالن جو کليل اظهار ڪرڻ کان نه ٿي شرمندي آهي.