لاهور (شوبز نيوز) اڳوڻي اداڪارا ۽ ميزبان وينا ملڪ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته اڄ به بالي ووڊ فلمن جون انيڪ آڇون آهن.  پوڊ ڪاسٽ دوران بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وينا ملڪ چيو ته ڀارت ۾ جڏهن سندن فلمن جي شوٽنگ هوندي هئي تڏهن ڀارتي انتهاپسند تنظيم شيو سينا جا ماڻهو هٿيارن سان ايندا هئا پر هوءَ کين رستو ڏيڻ جو چوندي هئي. هن چيو ته پنهنجي مرضيءَ سان بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏيو آهي، اهڙي مٽي مان ناهيان ٺهيل جو ڪير به اچي زوري زبردستي ڪم ڪرائي سگهي. اداڪارا وڌيڪ چيو ته پنهنجي فيصلي تي قائم آهيان، هاڻي به اِن باڪس بالي ووڊ فلمن جي آڇن سان ڀريو پيو آهي.