اڃا ڪنوارو آن؟ انڊونيشيا ۾ همراهه سوال ڪرڻ تي پيرسن ماري وڌو

0
268
اڃا ڪنوارو آن؟ انڊونيشيا ۾ همراهه سوال ڪرڻ تي پيرسن ماري وڌو
اڃا ڪنوارو آن؟ انڊونيشيا ۾ همراهه سوال ڪرڻ تي پيرسن ماري وڌو

جڪارتا (انٽرسٽنگ نيوز) انڊونيشيا ۾ هڪ ڪنوارَي همراهه هڪ پيرسن شخص کي صرف ان ڪري قتل ڪري ڇڏيو جو اهو ۽ ٻيا ماڻهو کانئس شادي نه ڪرڻ جو سبب پڇندا هئا

پرڏيهي خابرو اداري موجب اهو افسوس جوڳو واقعو گذريل مهيني پيش آيو، جتي 60 ورهين جي سگيم ايريانتو نالي هڪ رٽائرڊ سرڪاري ملازم کي قتل ڪيو ويو

مقتول جي بيواهه پوليس کي ٻڌايو تو 29 جولاءِ جي رات اٺين وڳي جوابدار سريگر ڏنڊو کڻي سندس گھر پهتو ۽ بنا ڪجهه چوڻ جي سندس مڙس تي ڏنڊا وسائڻ لڳو. جوابدار جي حملي دوران مڙس پاڻ کي بچائڻ لاءِ گھران ڀڄي نڪتو پر جوابدار سندس پيڇو نه ڇويو ۽ سندس مٿي ۾ اهڙو ڏنڊو هنيو جو مڙس ڪري پيو

بيواهه موجب جوابدار سندس مڙس تي تشدد ڪيو، علائقي واسين ڇڏايو ته سيريگر اسگيم کي ڇڏي ڏنو بعد ۾ اسگيم کي اسپتال منتل ڪيو ويو پر هو بچي نه سگھيو. پوليس موجب واقعي جو اطلاع ملڻ تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن ٻڌايو ته مقتول شادي نه ٿيڻ تي ٽوڪون ڪندو هو ۽ سوال ڪندو هو ته اڃا تائين مون شادي ڇو ناهي ڪئي؟