نيويارڪ(م ڊ) پاڪستان جي گڏيل قومن لاءِ سفير عاصم افتخار چيو آهي ته پاڪستان اڃا تائين گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت جواب ڏيڻ جو حق استعمال نه ڪيو آهي، ڀارتي حملي کان پوءِ اسان جيڪي به قدم کنيا، جوابي ڪارروائي ۾ کنيا ويا، ترڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير، هڪ نيوڪليئر فليش پوائنٽ طور سڃاتو وڃي ٿو، جڏهن ته برطانوي اخبار ڪشمير کي جغرافيائي سياسي فالٽ لائين قرار ڏنو آهي، پاڪستان هڪ ذميوار ايٽمي رياست طور واضح موقف رکي ٿو. ترڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي عاصم افتخار چيو ته 6 ۽ 7 مئي جي رات ڀارت اسان تي حملو ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جيڪي قدم کنيا اُهي جوابي ڪارروائيون هيون.