اڃا نرم لهجي ۾ ڳالهايون پيا، چاهيون ٿا ڳالهه سمجهي وڃو، جيڪڏهن ڳالهه نه سمجهي ته سڀاڻي توهان جي ڳچي ۽ اسان جا هٿ هوندا: جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان جو چارسدا ۾ تقريب کي خطاب، مولانا فضل الرحمان چيو ته هيءَ ملڪ ڪنهن جي جاگير ناهي، ملڪ ٺهڻ وقت ماڻهن اسلام جي نالي تي قربانيون ڏنيون هيون، هيءَ ملڪ اسان جو آهي، امن چاهيون ٿا، اسان اڄ تائين توهان سان نرم لهجي ۽ دليلن سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ڳالهه سمجهي وڃو، جي يو آءِ سربراهه چيو ته 26هين آئيني ترميم تي اسان کان اکيون بند ڪري منظوري جو مطالبو ڪيو ويو هو، جيڪڏهن اهو مسودو پاس ٿي وڃي ها ته پارليامينٽ جي ڪا به حيثيت نه رهي ها، اسان هڪ مهيني تائين ڳالهيون ڪري 36 شقون ڪڍرايون، موجود اسيمبلين جي ڪا به حيثيت نه آهي، اهڙيون اسيمبليون ته مان پاڻ مٽيءَ سان ٺاهي سگهان ٿو، ڪي پي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، حڪومت جي نالي تي ڪا شئي ناهي