اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي

0
191
اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي

اسان وٽ ماضي جي يادن جو ايترو خوبصورت خزانو آهي جو لکڻ ويهون ته ڪتاب لکي سگهجن ٿا، ٻالڪپڻ جي سرت سنڀالڻ وارن ڏينهن کان وٺي وارن جي چاندي ٿيڻ تائين انمول يادن جو هر لمحو ذهن جي اسڪرين تي موجود آهي، پر دنيا جا خفا ۽ معمول زندگي جون مصروفيات ايتريون ته وڌي ويون آهن، جو چاهيندي به وقت نٿا ڪڍي سگهون، اهو يادن جو خوبصورت خزانو رڳو مون وٽ ناهي پر هر ماڻهو جي اندر موجود آهي، ڪي انهي کي ڪتابن جي پنن تي لاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا هوندا پر اڪثريت انهي احوال کي اندر ۾سانڍي رکيو ويٺي آهي. انهي ۾ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به هوندا جيڪي پنهنجي ماضي جي يادن ۾ غربت سميت ٻين ماضي جي پريشانين کي ڪٿي شيئر ڪرڻ کان انهي ڪري به لنوائيندا آهن ته متان ڪنهن کي سندن غربت جي  خبر پئجي وڃي، پر منهنجي خيال ۾ غربت ڪو مهڻو يا عيب ناهي، باقي انهن حالتن مان گذري به پنهنجي روشن مستقبل ۽ ايندڙ نسل جي لاءِ مثالي ڪردار ثابت ٿيڻ جي ڪوشش ڪجي.

گذريل هفتي منهنجي اباڻي ڳوٺ سيتا ۾ مونکي هڪ لائبريري جي افتتاح واري تقريب ۾شرڪت جو اعزاز حاصل ٿيو، اها لائبريري منهنجي نانا سائين مرحوم غلام محمد ملاح جي نالي سان منسوب ڪئي وئي آهي. هن دور جديد ۾ جڏهن ڪتابن پڙهڻ جي رجحان ۾ گهٽتائي جون ڳالهيون هلن ٿيون پيون ۽ هر طرف اينڊرائيڊ فون جي استعمال توڙي ليپ ٽاپ ڪميپوٽر جون ڪهاڻيون ٻڌون ٿا تڏهن واقعي به اهو محسوس ٿئي ٿو ته هاڻي جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتاب پڙهڻ ۾ به دلچسپي آهي ته اهو به آن لائين پڙهي وٺي ٿو. پر جڏهن مونکي لائبريري جي افتتاحي تقريب ۾ وڃڻ جو موقعو مليو ته مونکي ان وقت حيرت ٿي جڏهن سيتا روڊ جهڙي ننڍڙي ڳوٺ جا نه رڳو ڇوڪرا پر ڇوڪريون به لائبريري جي قيام سان خوش نظر آيا. انهي لائبريري ۾ هر موضوع تي لکيل ڪتاب تقريبن موجود آهن، جنهن ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت چئجي يا وري مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ جي تياري جا ڪتاب چئجن، اهي اسان رکيا آهن. لائبريري جي قيام ۾ مقامي ايم پي اي ادا عزيز جوڻيجو جو اهم ڪردار آهي. هن وقت جڏهن “وڏيري“ لفظ تي بي جا تنقيد ڪئي پئي وڃي تڏهن مونکي حيرت ٿئي  ٿي،

اڄ وڏيري جو جيڪو تصور ڏنو ويو آهي اهو دهشت ۽ ظالم جو روپ ڏيکاريو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ وڏيرو اسان جي سنڌ جو هڪ اهڙو ڪردار رهيو آهي جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۽ راڄ جي ماڻهن جو رکوالو رهيو آهي. سنڌ ۾ شاهنواز جوڻيجي جي سڃاڻپ ڪلاسيڪل وڏيري طورهئي، ڇاڪاڻ جو هو فيصلن ۾ امين جو ڪردار ادا ڪندي راڄوڻي ذريعي ڪيئي معاملا نبيريندو هو، ايئن ڳوٺن ۾ وڏيرا امين ٿي پنهنجي ماڻهن کي ويڙهائڻ بدران محبتون ورهائيندا آهن ۽ انهن جو خيال رکندا هئا. انهي مثالي وڏيري کي اسان وٽ هڪ خراب ڪردار ڪري لکيو ويو آهي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي. هونئن به اسان وٽ سٺن لفظن کي خراب ڪرڻ جي عادت جو رواج پراڻو آهي، جيئن حضرت هڪ اهم ۽ عزت وارو لفظ آهي پر ماڻهو مذاق ۾  هڪٻئي تي ٺٺولي ڪندي چوندا آهن ته وڏو حضرت آهين مطلب ته لفظن کي ڪيئن نه غلط طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر اڃان به سنڌ ۾ جيڪي خانداني وڏيرا آهن اهي ان قسم جي چٿر تي ڌيان ڏيڻ بدران عملي طور پنهنجي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪن ٿا،

انهي جو اکين ڏٺو مثال ادا عزيز جوڻيجو آهي، جيڪو پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪو وڏو ڪم جيڪڏهن ناهي ڪري سگهيو ته به هن اها لائبريري قائم ڪرائي وڏو ڪم ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو علم ئي شعور جو واحد رستو آهي، انهي ايم پي اي بابت علائقي واسين ٻڌايو ته عزيز جوڻيجو پنهنجي علائقي جي هيڊماسترن سان ملاقاتون ڪري ۽ انهن کان اسڪولن ۾ درپيش مسئلن جي حل لاءِ انهن  جي مدد ڪري ٿو ۽ اها لائبريري به انهن استادن جي گهرج تي ئي هن قائم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو، جنهن شخص جي نالي سان اها لائبريري قائم ٿيل آهي، سائين غلام محمد ملاح  اهو رشتي ۾ منهنجو نانو ضرور هو، پر هن پنهنجي ڳوٺ ۽ علائقي ۾ هڪ رول ماڊل بڻجي پنهنجو فرض ادا ڪيو هو. مون کان اڳ منهنجون ماسيون انهي ڳوٺ جون ڇوڪريون هيون جيڪي يونيورسٽي تائين پڙهيون، نانا نه رڳو پنهنجي ڌيئرن ۽ پٽن کي پڙهايو پر پاڙي جي سمورن ٻارن کي مفت ۾ ٽيوشن به پڙهائيندو هو،سندس شاگردن جو وڏو انگ اڄ به اعليٰ تعليم يافته بڻيل آهي.

اها ڳالهه اڄ کان ڀلي 60 سال کن اڳ جي هجي پر اڄ به ڪيترائي اهڙا ڪردار آهن، جيڪي پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا، خاص طور تعليمي ميدان ۾ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، جڏهن اسان سيتا روڊ ۾ لائبريري ۾ موجود هئاسين ته اتي جي هاءِ اسڪول بابت پتو پيو ته انهي اسڪول جو هيڊماستر  آءِ بي اي جي ٽيسٽ پاس ڪري ڀرتي ٿيو آهي. امداد سولنگي نالي هن هيڊماستر بابت علائقي واسين ٻڌايو ته هن شخص پنهنجي مدد پاڻ تحت مختلف تعلقات استعمال ڪندي هن اسڪول کي بهترين اسڪول بڻايو آهي، جنهن مان خبر پوي ٿي ته محنتي ماڻهو  پنهنجي ادارن جي مالڪي جو احساس رکن ٿا .ڳوٺاڻن مطابق هن اسڪول جي هيڊماستر جي محنت سان سيتا جا ڪيترائي ٻار ملڪ جي نامور تعليمي ادارن ۾ اسڪالرشپ تي داخلائون وٺي چڪا آهن، مفت ۾ انهن شاگردن جي وڏن وڏن تعليمي ادارن ۾ داخلا جي تياري ۾ مدد ڪري ٿو.

مون جڏهن هن هيڊماستر امداد سولنگي سان ملاقات ڪئي ته هن ٻين ڳالهين سان گڏوگڏ اها ڳالهه ڪئي ته ادي اسانکي پنجاب بورڊ جا ڪجهه ڪتاب ڏياريو ته اسين پنجاب جي تعليمي ادارن ۾  داخلا لاءِ شاگردن کي تياري ڪرايون، تعليم جي لحاظ کان خبر پئي ته دادو جي لائبريري ۾ به شاگردن جو وڏو انگ رات تائين پنهنجي امتحانن جي تياري ڪندو رهي ٿو، جيڪا ڳالهه خوش آئند آهي. سنڌ سرڪار جيئن ماضي ۾ استاد بخاري، صادق فقير يا ٻين ناليوارن استادن جي نالي سان تعليمي ادارا منصوب ڪيا آهن، اهڙي ريت جيڪڏهن مقام سطح تي سٺو پڙهائيندڙ مثالي استاد جي نالي سان ڪو اسڪول منصوب ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي ته يقينن استادن ۾ اهو اتساهه پيدا ٿيندو ۽ اهي وڌيڪ محنت ڪندا، جنهن  سان نه رڳو اسان جو ايندڙ نسل تعليم جي لاٽ سان روشن رهندو پر دنيا ۾ به پڻ هڪ قوم جي حيثيت سان اسانجو ڳاٽ اوچو رهندو. اسان وٽ نفسا نفسي توڙي سوين بڇڙاين جي باوجود به مون جڏهن سيتا جي ماڻهن جو تعليم ڏانهن مثبت رويو ڏٺو ته مونکي ڪنهن شاعر جون اهي سٽون ياد اچي ويون ته

 اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي

متان سمجهين  مري مور سارا….