ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ٽي وي انڊسٽري جي مشهور اداڪارا اديتي شرما ۽ سندس مڙس اڀينيت ڪوشڪ جي وچ ۾ شادي جي چئن مهينن کانپوءِ طلاق جون خبرون سامهون آيون آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب، ٻنهي ڪيترن ئي سالن تائين لاڳاپن ۾ رهڻ کانپوءِ گذريل سال نومبر ۾ شادي ڪئي وئي هئي ۽ هاڻي قانوني طور تي عليحدگي جي ڪارروائي جاري آهي.ميڊيا رپورٽن موجب، اديتي شرما شادي کي ڳجهو رکڻ پئي چاهيو پر پوءِ ٻنهي پنهنجي شادي جون تصويرون به شيئر ڪيون. اڀينيت ڪوشڪ پاڻ به ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي طلاق جي خبر جي تصديق ڪئي.هن قانوني صلاحڪار راڪيش شيٽي سان ٿيل انٽرويو دوران ٻڌايو ته شادي اديتي جي خواهش تي ٿي، جتي اديتي شرط رکيو هو ته سندس ڪيريئر سبب ڪنهن کي به شادي جي خبر نه پوي، تنهنڪري شادي والدين ۽ ڪجهه ويجهن مٽن مائٽن جي موجودگي ۾ ڪئي وئي.اڀينيت ڪوشڪ ۽ سندس قانوني ٽيم جو چوڻ آهي ته اديتي شرما جا هڪ ٻئي اداڪار سان مبينا لاڳاپن بابت ڄاڻ ملڻ کانپوءِ معاملا خراب ٿيا. هنن اهو به الزام هنيو آهي ته اديتي شرما ۽ سندس ڪٽنب طلاق لاءِ 25 لک رپين جو مطالبو ڪيو آهي.ياد رهي ته اديتي شرما 2019 ۾ مشهور ڊرامي ”ناگن ٿري“ ۾ مختصر ڪردار ادا ڪيو هو، ان کانسواءِ هوءَ اسٽار پلس جي ڊرامي ”يه جادو هي جن ڪا“ ۾ به نظر آئي هئي.